پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

صالح پٽ ويجهو ڄاڃين تي مبينا حملو، هڪ نوجوان قتل

سنڌي خبرون 31st Dec 2025 286 مناظر
صالح پٽ ويجهو ڄاڃين تي مبينا حملو، هڪ نوجوان قتل

ڄڃ سان وڃي رهيا هئاسين ته بااثرن حملو ڪيو، فائرنگ ۾ 26ورهين جو عبدالمجيد مارجي ويو: ڀاءُ عزيز الله شنباڻي

صالح پٽ (رپورٽر) صالح پٽ لڳ دولت شاھ ۾ شنباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ھڪ نوجوان قتل، صالح پٽ پوليس موجب دولت شاهه جي رهواسي شنباڻي برادري جي عزيزالله شنباڻي اطلاع ڏنو ته اسان ڄڃ سان وڃي رھيا ھئاسين ته غلام نبي شنباڻي, پھلوان شنباڻي. نبي بخش شنباڻي سميت ڏھن ڄڻن اسان مٿان حملو ڪري ڏنو حملي دوران منھنجو ڀاء عبدالمجيد شنباڻي کي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو اسان وارثن کي زخمي جي علاج جو ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال روھڙي موڪليو آھي جڏھن ته زخمي جي ڀاء عزيزالله شنباڻي ٻڌايو ته اسان ڄڃ کڻي وڃي رهيا هئاسي ته اوچتو غلام نبي شنباڻي.پھلوان شنباڻي .ارشاد شنباڻي.نبي بخش شنباڻي سميت ڏھن جوابدارن اسان مٿان حملو ڪري ڏنو جنھن ۾ گولي لڳڻ سبب 26 سالا نوجوان عبدالمجيد شنباڻي قتل ٿي ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ