ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

شڪارپور پوليس جي ڪاروائي. 4 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 29th Sep 2023 95 مناظر

فيڪٽري مان 1 درجن تيل سان ڀريل ڊرم ۽ گيھ ٺاهڻ واري ڪڙاھي/ تئي به هٿ ڪئي وئي

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس جي وڏي ڪاروائي.ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ ھو تھ ٿاڻي نيوفوجداري جي حد جيل چورنگي ويجهو حرام جانورن جي چرٻي مان صحت لاءِ نقصانڪار نقلي گيھ ۽ تيل تيار ڪرڻ جي فيڪٽري تي ڇاپو، 4 جوابدار گرفتار، 2 فرار
ڪامياب ڪارروائي ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس برانچ جي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي آهي. ڪارخاني ۾ موجود بدبودار چرٻي، هڏا ۽ غير صحتياب شيون هٿ ڪري ورتيون آهي.
فيڪٽري مان 1 درجن تيل سان ڀريل ڊرم ۽ گيھ ٺاهڻ واري ڪڙاھي/ تئي به هٿ ڪئي وئي آهي.
فيڪٽري جو اصل مالڪ صدر محله شڪارپور جو رهواسي ڪامران ولد صفدر خواجه آهي جيڪو بين الصوبائي سپلائير آهي.
ڪارروائي دوران فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ رميش، ڌارو، عامر ۽ شاهد حسين طور ٿي آهي.
جانورن جي چرٻيءَ مان صحت لاءِ نقصانڪار تيل ۽ گيھ ٺاهي جنهن کي لوڪل نالا ريشم ۽ سپريمي ڏنا ويا هئا،
صحت لاء نقصان ڪار تيل ۽ گيھ شهر جي هوٽلن ۽ دڪانن کي سپلائي ڪيو ويندو هو،
فيڪٽري سيل ڪري سموري مشينري قبضي ۾ وٺي ڇڏي آهي. انساني صحت سان کيڏندڙن خلاف ڪابہ رعايت نه ڪئي ويندي،
ان گندي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
گرفتار جوابدارن ٻڌايو ته چرٻي، چمڙي ۽ آنڊي کي گودام ۾ کڻي گرم پاڻي ۾ وجهي گِيھُ ٺاهي ان کي لوڪل نالو ڏئي جي ٽي روڊ لاهور جي فيڪٽري کي وڪڻندا آهيون.
ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ميڊيا جي تسلسل سان سول سوسائٽي جي عوام کان گذارش ڪئي آھي ته صحت لاءِ نقصانڪار يا گندگي واري شيءِ جي اطلاع فوري طور تي ويجهي ڪنھن ٿاڻي يا 15 مددگار کي ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن کي بچائي سگهجي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ