پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ حاضري تي ويندڙ موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ، 2 ڄڻا مرڻينگ

سنڌي خبرون 11th Jun 2026 227 مناظر
شڪارپور ۾ حاضري تي ويندڙ موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ، 2 ڄڻا مرڻينگ
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ۾ ٽوئنٽي بيڊ اسپتال لڳ شڪارپور جيڪب آباد روڊ تي حاضري تي ويندڙ موٽر سائيڪل سوار ڪيھر برادري جي ٻن ڄڻن ڪشمير عرف ڪشي ۽ گلشير ڪيھر مٿان ھٿياربندن جو حملو جنھنجي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال شڪارپور ريفر ڪيو ويو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کين سکر ريفر ڪيو ويو واقعو ميان صاحب ٿاڻي جي حد ۾ شر ۽ ڪيھر برادري جي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ پاران واقعي جو نوٽيس ورتو جنھن بعد پوليس جي وڏي نفري جوابدارن جي گرفتاري لاء ميان صاحب لڳ ڳوٺ شير شر ۽ ٻين تي چڙھائي ڪئي وئي جڏھن ته ڪائي به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ