شڪارپور جي ڳوٺ رحيم ڏنو کهڙو واسي مغوي نوجوان ڀنگ ڀري بازياب
اڍائي لک ڀنگ ڀري نوجوان علي گل کهڙو کي بازياب ڪرايو آهي: وارث
شڪارپور جي ڳوٺ رحيم ڏنو کهڙو واسي مغوي نوجوان ڀنگ ڀري بازياب، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ رحيم ڏنو کُهڙو واسي علي گل کُهڙو کي 4مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي ڪنڌڪوٽ گهرائي اغوا ڪيو ويو هو، راڄوڻي ذريعي غوثپور جي ڪچي واري علائقي مان اڍائي لک ڀنگ ڀري نوجوان کي بازياب ڪرايو آهي، نوجوان جي والد جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي شڪارپور ٻن مهينن کان رڳو دلاسا ڏيندو رهيو