ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ جماعت اسلامي، جيئي سنڌ محاذ ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن جي بيٺڪ

سنڌي خبرون 21st Dec 2025 294 مناظر
شڪارپور ۾ جماعت اسلامي، جيئي سنڌ محاذ ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن جي بيٺڪ

ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ، ڪامريڊ اسدالله سومرو ۽ ڪامريڊ احسان جيھو ۾ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

شڪارپور (احسان ابڙو) جماعت اسلامي شڪارپور جو اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ ، جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ اسدالله سومرو ، ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو جي شھر جي مقامي دي ڪيومن ريسٽورنٽ تي بيٺڪ ٿي گذري جتي شڪارپور جي تازي سياسي سماجي صورتحال تي خيالن جو اظھار پڻ ڪيو ويو شھر جي مسئلن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ٻئي پاسي اڳواڻن پاران وفد جي صورت ۾ شھر جو دورو ڪيو ويو ۽ مختلف ھنڌن تي تعزيتون ڪيون ويون تعلقه پريس ڪلب لکي غلام شاھ جي صدر عبدالرزاق مھر سان سندس جي والده جي انتقال تي تعزيت ڪئي وئي ساڳي وقت جي يو آء جي سالار الھڏنو سومرو سان سندس جي ڀيڻ جي انتقال تي تعزيت ڪئي وئي ته ھوڏانھن چستي محلا پھچي سول سوسائٽي اڳواڻ ڏاڏو طاھر سومرو سان سندس جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي وئي محرومين جي مغفرت لاء دعا گھري وئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ