اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ اوطاق مان مھمان جو گولي لڳل لاش ھٿ، وارثن جو ڌرڻو

سنڌي خبرون 22nd Oct 2023 125 مناظر

ڪڙي عطا محمد محلي واسي عبدالسميع ڀٽو جو علي ڪلوڙ جي اوطاق تان گولي لڳل لاش مليو

شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور جي اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ۾ ڪڙي عطا محمد محلي جي رھواسي . عمنوجوان عبدالسميع ڀٽو جو گولي لڳل لاش سندس ئي محلي جي رھواسي علي ڪلوڙ جي اوطاق تان وارثن کي ھٿ آيو . ٿاڻي اسٽور گنج پوليس پاران مقتول نوجوان عبدالسميع ڀٽو جي وارثن کان فرياد نه وٺڻ ۽ ايف . آئي . آر. درج نه ڪرڻ تي وارثن طرفان بٽا يوٿ اڳواڻن. نياز علي بھٽو ۽ شاھين خان ڀٽو جي اڳواڻيء ۾ لاتعداد بھٽا برادري جي نوجوانن تاج پيٽرول پمپ لڳ باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻندي ٽائرن کي باہ ڏئي . روڊ بلاڪ ڪندي سخت احتجاج ڪيو . ۽ خطاب ڪندي چيو ته . شڪارپور پوليس ناھليء ڪندي سندن جي بيگناھ قتل ڪيل نوجوان عبدالسميع ڀٽو جي وارثن کان ڪيس داخل نه ڪرڻ تي ھنن ھي احتجاج ڪيو آھي . ھنن چيو ته نگران حڪومت کي مقامي شڪارپور پوليس آفيسر ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن . ايس . ايس . پي . شڪارپور جي عدم توجه جي نتيجي ۾ بدامني وڌي رھي آھي . اسانجي نوجوان کي سازش ڪري اوطاق تي گھرائي کيس گولي ھڻي قتل ڪيو آھي ۽ پوليس قاتلن کي بچائڻ جي لاء اسانجي ايف . آئي . آر . درج ڪون ڪري رھي آھي . واضع رھي تہ روڊ بند ٿيڻ جي ڪري ٽريفڪ بند رھڻ تي باء پاس تي لاتعداد گاڏيون بيھي ويون . آخر ۾ ڊي. ايس . پي . شڪارپور يار محمد رند ۽ اسٽور گنج ٿاڻي جي ايس . ايڇ . او . ذوالفقار علي منگي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڀٽا برادري کي ايف . آئي . آر . ڪٽڻ جو يقين ڏياريڻ کانپوء ڌرڻو ختم ڪيو ويو پوليس ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي مقتول نوجوان کي مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ