جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ اشتهاري قرار ڏنل ڏوهاري پوليس وٽ پيش

سنڌي خبرون 09th Sep 2025 293 مناظر
شڪارپور ۾ اشتهاري قرار ڏنل ڏوهاري پوليس وٽ پيش

مختلف ڪيسن ۾ گهربل فاروق جکراڻي گرفتاري ڏئي ڇڏي: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پوليس جون روزاني جي بنياد تي ڪاميابيون جاري. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڏوهارين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي وئي آهي. ترجمان پوليس موجب پوليس جي بي رحم ٽارگيٽڊ آپريشن سبب ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي. پوليس جي دٻاءَ هيٺ اچي سنگين ڏوهن ۾ ملوث اشتھاري ڏوهاري پاڻ پيش ڪري قانون حوالي ڪيو آھي ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته پيش ٿيندڙ ڏوهاري جي سڃاڻپ فاروق ولد حاڪم علي جکراڻي طور ڪئي وئي آهي فاروق جکراڻي جي خلاف قتل، پوليس مقابلو، ڦر سميت ڏھ سنگين نوعيت جا ڪيس مختلف ٿاڻن ۾ داخل آهن ڏوهاري جو سرنڊر ٿيڻ شڪارپور پوليس جي وڏين ڪاميابين مان هڪ آهي ،آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي هدايت تي شڪارپور ۾ اشتھاري ۽ مفرور ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڏوهاري ڏوهن جي دنيا ڇڏي پوليس آڏو سرنڊر ڪن ته کين قانوني مدد به پڻ ڪئي ويندي شڪارپور کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ بي رحم آپريشن کي پايه تڪميل تائين پهچايو ويندو. شڪارپور پوليس جي ڪارروائين سان ڏوهارين جا حوصلا پست ٿيڻ لڳا آھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ