پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

سڪرنڊ ڀرسان پوليس ٽن عورتن سميت 7 ڄڻن کي مبينا کنڀي گم ڪري ڇڏيو، وارثن جو احتجاج

سنڌي خبرون 03rd Oct 2023 80 مناظر

ڳوٺ نظر محمد شاهه جي رهواسين پاران عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو ويو

سڪرنڊ ڀرسان ناصري ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظر محمد شاهه ۾ سخت احتجاج ڪندين سائن ڏنو حادي بخش انڙ صمد لاکو واحد بخش غلام قادر عمراڻي سليمان عمراڻي مسمات زرينا پارسان پٽاڻي عمراھ ۽ معصوم ٻارڙن سميت سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ناصري پوليس لاکاٽ پوليس ۽ قاضي احمد پوليس نواب شاهه پوليس رات جي اونداھي ۾ اسان جي گھرن ۾ گھڙي سخت تشدد ڪري اسان چار مرد ۽ ٽي عورتون کڻي ويا آهن جنهن ۾ عبدالرحمان فقير محمد محمد يعقوب عبدالرضاق انڙ مسمات حرمت مسمات گڪ ناز مسمات بيبل کي کڻي ويا آهن 20 ڏينهن ٿي ويا آهن ليڪن پوليس ظاھر نٿي ڪري گھر وارا سخت پريشان ۽ اسان جون نوجوان نياڻيون به پوليس وٺ آهن اسان غريب مسڪين عزت وارا آهيون اسان عدالت ۾ به ويا آھيون عدالت حڪم ڏنو آهي ته پوليس خلاف ڪيس داخل ڪري ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهو عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن پر پوليس عدالٿ جي حڪم ٿڏي ڇڏيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ