ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

سڌوجا ويجهو درگاه سعيدي نهراڻي جي گادي نشيني جي پڳ ٻڌرائي جي تقريب منعقد

سنڌي خبرون 02nd Feb 2025 151 مناظر
سڌوجا ويجهو درگاه سعيدي نهراڻي جي گادي نشيني جي پڳ ٻڌرائي جي تقريب منعقد

جونيئر فقير گل حسن کي پڳ جو پهريون ور پاڪستان انٽر نيشنل عالمي مشائخ ڪائونسل جي مرڪزي صدر فقير نويد ڏنو

نوشهرو فيروز (ڊر)سڌوجا لڳ درگاه سعيدي نهراڻي جي گادي نشيني جي پڳ رسم جونيئر فقير گل حسن کي پڳ ٻڌرائي وئي درگاه جي گادي نشين کي پڳ جو پهريو ور پاڪستان انٽر نيشنل عالمي مشائخ ڪائونسل جي مرڪزي صدر فقير نويد ڏني ان کان علاوه ڳوٺ ۽ برادري جي چڱن مڙسن استاد سڪندر ٻرڙو، نصرالله ٻرڙو، مومن کوسو، اعجاز ٻرڙو پڳ کي ور ڏنا پڳ رسم بعد درگاه جي گادي نشين فقير گل حسن مريدن کي خطاب ڪندي چيو پنهنجي اوڙي پاڙي جو خيال رکو ٻارن کي ديني ۽ دنوي تعليم سان گڏ هنر جي سکيا ڏياريو ملڪي حالتون تمام خراب آھن خاص ڪري سنڌ ڏکين حالتن مان گذري رهي آھي مستقبل ۾ سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي سگهي پنهنجي اولاد کي بري صحبت کان بچايو. پڳ جي رسم ۾ نعت خوان وڪيل احمد پنهور، عرفان ۽ فرحان نعت خواني ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ان موقعي موقعي تي گلاب فقير ۔ فقير ناز سولنگي، محبوب علي ٻرڙو، اعجاز حيدر ۽ ٻيا پڻ موجود هيا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ