اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

سيوهڻ ڊويلپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جا ملازم پگهارون نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج

سنڌي خبرون 17th Dec 2025 318 مناظر
سيوهڻ ڊويلپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جا ملازم پگهارون نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج
ڄامشورو (رپورٽر) سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جا سوين ملازم ڪيترن ئي مهينن کان پگهارن کان محروم، ايس ڊي اي، سي بي اي ورڪرز يونين پاران ڄامشوري ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جي متاثر ملازمن مزدور يونين جي اڳواڻن زوهيب فقير، محمد رجب بجاري، آصف خاصخيلي ۽ غلام شبير بونگ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ۽ پگهارن جي ادائيگي جي حق ۾ نعرا هنيا.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان کين پگهارون نه ملي رهيون آهن، جنهنڪري سندن گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڊي جي ايس ڊي اي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ان کان اڳ هنن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو پڻ هنيو هو، جنهن بعد ڊي جي ايس ڊي اي علي گل سنجراڻي احتجاجي ڪيمپ تي پهچي سمورام مطالبا تسليم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر ڪافي وقت گذرڻ باوجود ملازم پنهنجي پگهارن کان محروم آهن.هنن مطالبو ڪيو ته سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جي ملازمن کي فوري طور سموريون پگهارون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ