پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آھي: نواز شاھ ڀاڏائي

سنڌي خبرون 29th Nov 2024 340 مناظر
سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آھي: نواز شاھ ڀاڏائي

سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھجڻ باوجود به بلوچستان ۾ ڪڇي ڪئنال جو افتتاح ڪيو ويو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جيئي سنڌ محاذ جي وائس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي پريس ڪلب عمرڪوٽ پُھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آھي انھي کان اڳ ۾ پڻ غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي ھن چيو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھجڻ باوجود به بلوچستان ۾ ڪڇي ڪئنال جو افتتاح ڪيو ويو آھي ۽ وفاقي سرڪار بيضد آھي ته چئولستان ڪئنال سميت ٻيا ڪئنال به ڪڍيا ويندا انھي سڄي وايو منڊل ۾ اسان سمجھون ٿا ته سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام جو مستقبل خطري ۾ آھي سڄي سنڌ جي عوام کي بار بار اپيل ٿا ڪريون ته ھڪ آواز بڻجي ڪئنال کي رد ڪريون انھي کان اڳ سنڌ جي عوام جي ڀرپور احتجاج جي ڪري ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو ويو ھو سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال آھي ٿر جو ڪوئلو ڪارونجھر جو پٿر سنڌ مان نڪرندڙ گئس ۽ تيل سميت سنڌ جو ٽيڪس ته وفاق وٺي ٿي پر انھي جي باوجود به سنڌ صوبي کي ڪجھ به نٿو ڏنو وڃي عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي صورتحال اھا آھي جو ھن وقت به پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آھي جي ڪئنال ٺاھيا ويا ته سنڌ جي عوام پاڻي جي ڦڙي لاء به پريشان ھوندي انھي لاء جھدوجھد به ضروري آھي ھن چيو ته ڊاڪٽر شآھنواز ڪنڀر جي قتل جي واقعي جي اسان پھرين ڏينھن کان عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آھي پھرين ڊسمبر ثقافتي ڏھاڙي تي عمرڪوٽ ۾ امن ڀائيچاري جي ريلي ڪڍي ويندي ان موقعي تي ممتاز آريسر، اسلم مھر، نريش بجير ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ