پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌو درياھ تي ڇھ ڪئنال اڏڻ خلاف جسقم پاران ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سنڌي خبرون 05th Feb 2025 300 مناظر
سنڌو درياھ تي ڇھ ڪئنال اڏڻ خلاف جسقم پاران ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج

رڪ سنڌي، منصور سانگهرو، صدام حسين، سرمد خاصخيلي، سالار سنڌي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) سنڌو درياھ تي ڇھ ڪئنال اڏڻ خلاف جسقم پاران ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، منصور سانگهرو، صدام حسين، سرمد خاصخيلي، سالار سنڌي، سول سوسائٽي جي قاضي عبدالفتاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھ اسلامي قانون ۽ عالمي قانون موجب سنڌ جي ملڪيت آهي پنجاب ٽي ڪئنال ڀارت کي وڪرو ڪري ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو هو، سنڌو درياھ تي ڇھ ڪئنال اڏي سنڌ جي معيشت تباھ ڪري، سنڌي عوام مان جئيڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دشمن پارٽي وارا سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ کي تباھ ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌي قوم سجاڳ آهي سنڌو درياھ تي ڌاڙا هڻڻ نه ڏيندي. هنن چيو ته 1991 ارسا ايڪٽ تحت به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويندو هو هاڻي ڇھ ڪئنال اڏي سنڌ جي زراعت تباھ ڪئي پئي ۽ سنڌي ماڻهن کان پيئڻ جو پاڻي کيسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ