منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

سنجھورو ويجھو جوابدار گوليون ھڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 29th Nov 2023 43 مناظر

سنجھورو ويجھو جوابدار گوليون ھڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

سنجهوري ويجهو ڳوٺ رشيد خان مري ۾ ذاتي تڪرار تان گل حسن عرف گشو مري 28 ورهين جي نوجوان لطف مري ولد عبدالرحيم مري کي مبينا گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، سنجهورو پوليس واردات واري جاء تي پهچي مقتول نوجوان لطف مري جي لاش کي تعلقه سول اسپتال سنجهورو منتقل ڪري ڇڏيو جتي سندس پوسٽ مارٽم ھلندڙ آهي ، واقعي جي حوالي سان مقتول نوجوان جي ڀيڻويي ۽ کيس گوليون هڻي قتل ڪندڙ گل حسن عرف گشو مري چيو ته اسان جي گهر جو لينٽر پئي ٻڌو ته ان مهل گل حسن عرف گشو مري مقتول نوجوان لطف مري مٿان بندوق تاڻيندي چيو ته جلدي ٻڌاء ته توسان گڏ ٻيو همراه ڪير هو جنهن بعد لاڳيتا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ، الهورايي مري مطابق مقتول نوجوان لطف مري ڪجھ مهينا اڳ ۾ گل حسن مري جي شراب جي بٺي تي مزدوري به ڪندو هو ، واقعي بعد گل حسن مري موقعي تان فرار ٿي ويو جنهن جي اڃا تائين گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ