جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

سعودي عرب جي شهر جدي ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي

سنڌي خبرون 01st Aug 2025 419 مناظر
سعودي عرب جي شهر جدي ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي

اسرار احمد جتوئي نظر سمون توفيق احمد جتوئي ۽ ٻين پاران سالگرهه تقريب منعقد

رياض /ڪراچي (م ڊ+ رپورٽر ) سعودي عرب جده ۾ ڀٽو خاندان جي وارث جونيئير ذوالفقار علي ڀٽو جي 35 هين سالگرهه ملهائي وئي جنهن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو تقريب ۾ پارٽي رهنمائن اسرار احمد جتوئي نظر سمون توفيق احمد جتوئي اڪرم سمون انيس الرحمان جتوئي حبدار علي چاچڙ پرويز جتوئي عامر علي ڪلهوڙو پرويز چانڊيو اعجاز چانڊيو ابراهيم ڪلهوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي رهنمائن چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو خاندان جو اصل وارث آهي هنن چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي نئين سياسي سفر شروع ڪرڻ تي ويلڪم چئون ٿا ملڪ جو عوام جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ