اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

سرحد ۾ ميمڻ برادريءَ جي دڪان تي مبينا قبضو ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 12th Mar 2024 156 مناظر

سرحد ۾ ميمڻ برادريءَ جي دڪان تي مبينا قبضو ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج

سرحد (رپورٽر )سرحد ۾ ميمڻ برادريءَ جي دڪان تي قبضو ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج،واحد مهر اسان جي دڪان تي زبردستي قبضو ڪيو آهي انصاف ڪيو وڃي مطالبو، خبر موجب سرحد ڀرسان ڳوٺ ھاسيجا مهر واسي ذوالفقار،ميمڻ عابد، ۽ الطاف ميمڻ سرحد پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان داھيندي چيو آهي ته 10سال پھريان اسان پوري فيملي پنهنجي ڀاءُ ممتاز ميمڻ کان اخبار ۾ اشتهار ذريعي لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي ان باوجود به وياجي واحد مهر 25 لک روپيا ممتاز کي وياج تي پيسا ڏنا ھاڻي اسان جي دڪان تي مبينا طور قبضو ڪري تالا ھڻي ڇڏيا آهن جڏهن ته اسان جو ممتاز ميمڻ سان ڪوبه تعلق ناھي رھيو ۽ ھاڻي ھو لاھور پيو رھي پوءِ به وياج ھلائيندڙ بااثر واحد مهر اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي زبردستي دڪان تي قبضو ڪري رهيو آهي ۽ ھنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او سرحد کان دڪان تان قبضو ختم ڪرائڻ ۽ دڪان تي قبضو ڪندڙ وياجي واحد مهر خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ