جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول پوليس پاران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 02nd Apr 2026 302 مناظر
سجاول پوليس پاران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
سجاول(رپورٽر)پوليس مقابلو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار. تفصيل موجب. ٿاڻي سجاول جي حد ۾ سرويچ نگر ويجھو پوليس جو مسلح ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو ٻنھي طرفان فائرنگ جي نتيجي ۾ پنھنجي ساٿي جي فائر لڳڻ سان هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار جڏهن ته ٻه ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ ارشاد لونجو جي نالي سان ٿي آهي. زخمي ڏوهاري کان غير قانوني اسلحہ گولين سميت هٿ ڪيو ويو آهي. زخمي ڏوهاري کي علاج جي لاء سول اسپتال سجاول منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مفرور ڏوهارين جي گرفتاري لاء ڪاروايون جاري آهن سجاول پوليس پاران ضابطي جي ڪاروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي گرفتار ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ