منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

سنڌي خبرون 27th Jan 2026 300 مناظر
سجاول پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

ڪارروائي دوران محمد عرف ميرو ملاح کي گرفتار ڪيو ويو: پوليس

سجاول.(رپورٽ گلشيرميربحر .)ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي ضلع جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري. 1060 گرام چرس ۽ 50 ليٽر ديسي شراب ھٿ. تفصيل موجب. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي جي مخفي اطلاع تي حق آباد ڪالوني نانگڻ موري ويجھو ڪامياب ڪارروائي ۾ روپوش ڏوهاري مير محمد عرف ميرو ملاح کي 20 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو .ياد رهي ته گرفتار منشيات فروش سجاول ٿاڻي تي منشيات جي ڪيس 379/25 دفہ 3/4 ۾ به روپوش آهي انچارج پوسٽ ٻڊو ٽالپر سب انسپيڪٽر برڪت علي چانڊيو مخفي اطلاع تي مختلف جاين تي ٻہ جدا جدا ڪاروايون ڪندي ٻہ منشيات فروش شھباز ڪنڊرا کي 1060 گرام چرس ۽ امير شاھ کي 20 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او جھوڪ ديدار علي بروهي گشت دوران لنڪ روڊ ويجھو ڪاروائي ۾ منشيات فروش آچار جتوئي کي 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. گھٽڪو. منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ