سجاول ويجهو 14سالا نينگري جو لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ
لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سجاول آندو، جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو
سجاول ويجهو 14سالا نينگري جو لاش هٿ آيو، وارثن پاران قتل ڪرڻ جو الزام، سجاول لڳ ٽيماڻي ۾ 14سالا نينگري محران پارھيڙي جو تلاءُ ۾ لاش ھٿ آيو، وارثن پاران ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سجاول آندو، جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي ناري جي وارثن چاچو علي محمد پارهيڙي ۽ خميسو پارهيڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان رات جو گهر ۾ ستل هئاسين ته علي اڪبر پارهيڙي ، ولي پارهيڙي ، آصف پارهيڙي ، ياسرعلي پارهريڙي ۽ ٻيا نامعلوم گهر ۾ اندر داخل ٿي اسان تي هٿيار تاڻي 14 سالا نياڻي محران پارهيڙي کي زوري اغوا ڪري ويا، اهڙي واقعي جو ڪيس سجاول ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ وياسين پر پوليس صاحب نه هجڻ جو بهانو ڄاڻائي روانو ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن تلاءُ ۾ نياڻي جو لاش هٿ اچڻ جو اطلاع ڏنو . اسين سڀ اتي پهتاسين ته واقعي نياڻي تلاءُ ۾ مئي پئي آھي. وارثن مبينه الزام هڻندي چيو ته ظالمن اسان جي نياڻي سان وڏو ظلم ڪيو آهي ان کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري تلاءُ ۾ ڦٽو ڪيو آھي، هنن آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي حيدرآباد،ايس ايس پي سجاول سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته نياڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي،