ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ شاگردن جو ٽرانسپورٽرن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 05th Dec 2023 150 مناظر

سجاول ۾ شاگردن جو ٽرانسپورٽرن خلاف احتجاج

سجاول(رپورٽر) گاڏين وارا اسان کي کڻڻ نٿا جنھن جي ڪري اسين ٽائيم تي اسڪول نٿا پھچي سگھون بوائز هاء اسڪول سجاول جي شاگردن جو احتجاج تفصيل موجب: بوائز هاء اسڪول سجاول جي ٻهراڙي جي شاگردن پاران مين پبلڪ پارڪ جو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو شاگردن جو چوڻ آهي ته گاڏين وارا اسان کي رستي تان نٿا کڻن جنھن جي ڪري اسين ٽائيم تي اسڪول نٿا پھچي سگھون اسان جي تعليم خراب ٿي رهي آهي ۽ اسڪول جي موڪل ٿيڻ کان پوء به اسان کي ڳوٺ وڃڻ لاء سخت پريشاني ٿئي ٿي انھن چيو ته ڊي سي سجاول نوٽيس وٺي ۽ گاڏين وارن کي پابند ڪيو وڃي ته هو اسان کي اسڪول ٽائيم کان موڪل وقت اسان کي گاڏين ۾ کنيو وڃي ۽ اسان کي پريشاني کان بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسين سڄو ڏينهن روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪنداسين،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ