اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول جي عدالت جوابدار اياز مگسي کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سنڌي خبرون 10th Dec 2024 212 مناظر
سجاول جي عدالت جوابدار  اياز مگسي کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

جوابدار 3 سال اڳ پنهنجي ڀاءُ ارشاد علي مگسي کي قتل ڪيو هو

سجاول (رپورٽ گلشيرميربحر ) فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سجاول جي عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 3 سال اڳ پي ايس ٻنون ٿاڻي جي حد ۾ موالي موري وٽ مال جي پيئيسن جي ڏيتي ليتي تان مگسي برادرين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو هو جهڙي دوران گولي لڳڻ سبب ارشاد علي مگسي قتل ٿي ويو هو اهڙي واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ پي ايس ٻنون ٿاڻي تي قتل ۾ ملوث جوابدار اياز مگسي خلاف داخل ڪرايو هو. جنهن جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن ٿي گذري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سجاول اشفاق احمد نظاڻي جي عدالت پي ايس ٻنون جي گناه نمبر 27/21 قلم 302 جي ڪيس ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار اياز علي مگسي کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏھن ته فريادي طرفان ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل اعجاز جماڻي، علي اڪبر جماري ۽ سرڪاري وڪيل منور علي دايو ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ