ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ اڳوڻي ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي پاران سول اسپتال جو اوچتو دورو

سنڌي خبرون 27th Nov 2023 384 مناظر

سجاول ۾ اڳوڻي ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي پاران سول اسپتال جو اوچتو دورو

سجاول (گلشيرميربحر) پ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي سول اسپتال سجاول جو اوچتو دورو ڪري سھولتن جو جائزو ورتو سول اسپتال جي مختلف وارڊن مرحوم سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ڊائليسس وارڊ،او ٽي،ايمرجنسي وارڊ، سميت مختلف شعبن جو معائنو ڪري سول اسپتال انتظاميا سان ملاقات ڪئي انھيءَ موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي انتظاميه کي ھدايت ڏيندي چيوته سول اسپتال ۾ مريضن کي ھر سھولت مھيا ڪئي وڃي ۽ اسپتال جي صفائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ان بعد سول اسپتال سجاول جي ايم ايس ڊاڪٽر بشير احمد سولنگي نصيب ﷲ ميمڻ فاضل سومرو آفاق عمراڻي،رياض سومرو،بلاول ٻارڻ ۽ ٻين اڳوڻي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي کي سنڌ جي ٽقافت اجرڪ ۽ لونگيون اوڍايون
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ