رپڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي جو مامو قتل، هڪ ڄڻو زخمي
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي نياز محمد خواجا جو مامو عبدالواحد خواجا مارجي ويو
رپڙي ويجهو ڳوٺ محمد حسن خواجا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي جو مامو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، سندن وارثن جو چوڻ آهي ته ڪمند ۾ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عبدالوحيد خواجا ۽ عبدالواحد عرف ڪراڙو خواجا زخمي ٿي پيا جن کي گمس اسپتال منتقل ڪيو جتي نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر نياز محمد خواجا جي مامي عبدالواحد عرف ڪراڙو رت گهڻو وهي وڃڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو