ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

راڻا همير سنگهه سوڍو جي مختلف برادرين جي ماڻهن سان ملاقات

سنڌي خبرون 18th Jan 2026 223 مناظر
راڻا همير سنگهه سوڍو جي مختلف برادرين جي ماڻهن سان ملاقات

راڻا همير سنگهه سوڍو ملاقات دوران مانهن جا مسئلا معلوم ڪيا

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) پ پ ايم پي اي ڍاٽ جي راڻي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان عمرڪوٽ ۾ مختلف برادري جي ماڻھن سان ملاقات، مسئلا معلوم ڪندي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ويئي. خبر موجب پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان راڻا ھائوس عمرڪوٽ تي شھر جي بجير، جٽيا، ميگھواڙ، ڀيل، جوڳي، اوڏ برادري سميت ٻين مختلف برادري جي ماڻھن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪرڻ سميت جيڪي به جائز مسئلا آھن اُھو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جڏھن ته ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي ڪائونسلر رميش ڪمار رتناڻي، ڪنول موھن لال رتناڻي،واحد بخش سمون، ڪامريڊ يوسف نھڙي،ماهديوميشوري ، ڀاڳچندجٽيا،ڊاڪٽر رامچندجٽيا سميت ٻيا پڻ موجود ھئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ