ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

دادو جي ڇاڻو شاهه آباد پاڙي مان سڱ نه ملڻ تي نوجوان ناري مبينا اغوا

سنڌي خبرون 16th Apr 2024 127 مناظر

دادو جي ڇاڻو شاهه آباد پاڙي مان سڱ نه ملڻ تي نوجوان ناري مبينا اغوا

دادو شهر جي ڇاڻو شاھ آباد پاڙي مان رشتو نه ڏيڻ تي يتيم ناري مسڪان ڌيء عظيم لغاري اغوا ، مبينا طور تي نواب زرداري ۽ ٻين گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي گهر ڌڻين کي يرغمال بڻائي مسڪان کي اغوا ڪري ويا ناري جي امڙ حاڃل جو چوڻ ھو تھ هڪ هفتو اڳ نواب زرداري مسڪان جي سڱ جي گهر ڪئي نه ڏيڻ تي زبردستي گهر ۾ گهڙي ڌيء مسڪان کي اغوا ڪري ويا آهن ، 3 ڏينهن بي سيڪشن ٿاڻي جا چڪر پئي پوليس نه ڪيس داخل ڪري ٿي نه ڌيء کي بازياب ڪرائي ٿي ، ڌيء کي بازياب نه ڪرايو ويو ته پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ