پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

خيرپور: جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل

سنڌي خبرون 19th May 2026 292 مناظر
خيرپور: جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل
خيرپور )ڊ ر) خيرپور جي شاهه حسين ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نوجوان سعيد خان ولد وريام جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو. واقعي بعد زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي واري صورتحال برقرار آهي. اطلاع ملڻ تي شاهه حسين ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ علائقي ۾ نفري مقرر ڪئي وئي. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ