ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

حيدرآباد ۾ ڀرتي ٿيل پوليس ڪانسٽيبلز کي آفر ليٽر جاري

سنڌي خبرون 12th Jun 2025 124 مناظر
حيدرآباد ۾ ڀرتي ٿيل پوليس ڪانسٽيبلز کي آفر ليٽر جاري

ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو 81 عورت ۽ 466 مرد ڪانسٽيبلز کي آفر ليٽر ڏنا

حيدرآباد (بيورو) حيدرآباد ۾ ڀرتي ٿيل پوليس ڪانسٽيبلز کي آفر ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو نون ڀرتي ٿيل ڪانسٽيبلز کي پنهنجي آفيس ۾ آفر ليٽر تقسيم ڪيا. ضلعي ۾ 466 مرد ۽ 81 عورت ڪانسٽيبلز ڀرتي ٿيون آهن جن کي ايس ايس پي آفيس ۾ آفر ليٽر ڏئي پنهنجي ڊيوٽي جوائن ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو چيو ته نون ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪارن کي ايمانداري سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ گهرجن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ