حيدرآباد: بي سيڪشن ۽ ھٽڙي پوليس جا ڏوهارين سان مبينا مقابلا 2ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي
ڪرسچن ڪالوني قبرستان ڀر سان موٽر سائيڪل تي سوار ٻن شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو جن بيهڻ بدارن پوليس تي فائر ڪيا جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوهاري زخمي ٿيو سندس ساٿي موٽر سائيڪل سميت فرار ٿي ويو: بي سيڪشن پوليس
گرفتار زخمي جوابدار جي سڃاڻپ زوهيب عرف حق نواز خاصخيلي جي نالي سان ٿي آھي جنهن کي علاج لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي: بي سيڪشن پوليس
جوابدار جي قبضي مان ٽي ٽي پسٽل مليو سندس ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي: ترجمان
چانگ ڳوٺ ڀرسان لوهي پل وٽ ڏوه جي ارادي سان بيٺل چئن ڏوهارين سان مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ ڏوهاري زخمي ٿيو سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا: هٽڙي
پوليس
گرفتار زخمي جوابدار جي سڃاڻپ شيراز نظاماڻي جي نالي سان ٿي جنهن کي علاج لاء سول اسپتال منتقل ڪيو: هٽڙي پوليس
گرفتار جوابدارجي قبضي مان غير قانوني اسلحو مليو آھي سندس ڏوهي رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي
ٻنهي مقابلن جا ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان
حيدرآباد: بي سيڪشن ۽ ھٽڙي پوليس جا مبينا مقابلا ، 2ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي
حيدرآباد: بي سيڪشن ۽ ھٽڙي پوليس جا مبينا مقابلا ، 2ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي