جھرڪ ويجهو سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي 4 معصوم ٻارڙا ٻڏي فوت، علائقي ۾ سوڳ جي لهر
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)
جھرڪ ويجهو سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي 4 معصوم ٻارڙا ٻڏي فوت، علائقي ۾ سوڳ جي لهر
جھرڪ ويجهو ڪچي واري علائقي ڪارو کئو ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي ڇهه معصوم ٻارڙا اوچتو اونهي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ چار ٻارڙا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ٻن ٻارڙين کي مقامي ڳوٺاڻن بچائي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ غم جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ ڳوٺ ۾ ڪهرام متل آهي۔
مليل ڄاڻ موجب جھرڪ ڀرسان ڳوٺ ڪارو کئو جي پنهور برادري سان تعلق رکندڙ ٻارڙا سنڌو درياءَ ۾ وهنجڻ لاءِ ويا هئا، جتي اوچتو پاڻي جي وهڪري ۽ اونهي هنڌ تي پهچڻ سبب ٻڏي ويا۔ اطلاع ملڻ تي مقامي ڳوٺاڻا ۽ مڇي مار فوري طور درياءَ ۾ لهي پيا ۽ ٻارڙن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ٻن ٻارڙين عذره ۽ پرويزان کي زندهه حالت ۾ ٻاهر ڪڍي ورتو ويو، جن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو۔
ٻڏي فوت ٿيندڙ معصوم ٻارڙن ۾ 13 ورهين جو اعجاز علي پنهور، 11 ورهين جي ساجده، 10 ورهين جي ڪشميره ۽ 9 ورهين جو قربان علي پنهور شامل آهن۔ مقامي ماڻهن وڏي محنت سان لاشن کي درياءَ مان ڪڍي گهرن ڏانهن منتقل ڪيو، جتي سندن گهرن ۾ ماتم ڇانيل آهي۔
واقعي بعد يوسي صوف شورو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ سبز علي ڇٽو ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته جھرڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به غم ۽ افسوس جي لهر پکڙجي وئي آهي۔