اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

جماعت اسلامي سنڌ بروقت ۽ شفاف چونڊن کي آئيني ۽قانوني ضرورت قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌي خبرون 08th Oct 2023 47 مناظر

سياسي ۽ معاشي صورتحال جي بھتري سميت مڙئي مسئلن جو واحد حل عام چونڊون آھن: محمد حسين محنتي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ ملڪ ۾ بروقت ۽ شفاف چونڊن کي آئيني ۽قانوني ضرورت قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کان جلد تاريخ جو اعلان ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي .قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل سنڌ جي مجلس عاملہ جي اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي امير محمد حسين محنتي چيو تہ مھانگائي توڙي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جي بھتري سميت مڙئي مسئلن جو واحد حل عام چونڊون آھن.سردي گرمي ۽ معيشت جي استحڪام تائين چونڊن ۾ دير جو ڳالھيون دستور جي ابتڙ ملڪ ۽ قوم جي مفاد پڻ نہ آھي.جماعت اسلامي ميدان خالي ڇڏڻ بدران ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ ۾ پنھنجا اميدوار ميدان ۾ لاھينيدي.ھن چيو تہ بروقت ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذمہ داري آھي . ان ڪري اھو جلد چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري پنھنجي ذميداري پوري ڪري ۽ چونڊن ۾ تاخير جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ خدشن کي ختم ڪري.ھوڏانھن جماعت اسلامي سنڌ جي اميرمحمد حسين محنتي ملڪ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين جي نيڪالي ڏيڻ جي حوالي سان چيوآهي تہ ڇڪتاڻ بدران ٻئي حڪومتون گڏجي ڪري پر امن ۽ با عزت طريقي سان افغان مھاجرن جي واپسي کي ممڪن بڻايووڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ