جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

جسقم جي مرڪزي سڏ تي جهمپير ۾ احتجاج

سنڌي خبرون 01st May 2026 263 مناظر
جسقم جي مرڪزي سڏ تي جهمپير ۾ احتجاج
ٺٽو(ڊ ر)جسقم جي مرڪزي سڏ تي جھمپير ۾ ڪارڪنن وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي جھمپير پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي جسقم ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري اسد گوپانگ، تعلقي صدر رشيد درس، يونٽ صدر احمد سولنگي، مير خان شورو، زاھد پالاري، افتخار گوپانگ، جنيد شورو، صدام شورو، عمران شورو، اعجاز شورو، واحد پالاري، عمران سولنگي، شعبان شورو ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. احتجاج دوران 25 اپريل تي قومي ڪارڪنن جي بلاجواز رستا روڪ ۽ گرفتاريءَ جي سخت مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پاران ڪيل مطالبو ت 1 مئي، مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مزدورن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي. موجوده مهانگائي جي دور کي نظر ۾ رکندي مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 60,000 روپيا ماهوار پگهار مقرر ڪئي وڃي. مزدورن کان روزانو وڌ ۾ وڌ اٺ ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ