پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

تعليمي بورڊ سکر پاران نائين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا

سنڌي خبرون 03rd Nov 2023 64 مناظر

50830اميدوارن مان 42148 اميدوار سمورن پيپرن ۾ پاس

سکر: تعليمي بورڊ سکر پاران نائين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا.
50830اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو، جن مان 42148 اميدوار سمورن پيپرن ۾ پاس ٿيا.
تعليمي بورڊ سکر جي ڪنٽرولر امتحانات عبدالفتاح مهرموجب 233اميدوار ستن يعني سمورن پيپرن ۾ فيل ٿيا
سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي 50 هزار 830 اميدوارن نائين جماعت جي امتحانن ۾ حصو ورتو.
5800اميدوار هڪ پيپر ۾ فيل ٿيا آهن. 974 ٻن پيپرن، 987 ٽن پيپرن، 391 چئن پيپرن فيل ڄاڻايا ويا آهن.
117پنجن پيپرن، 178 اميدوار ڇهن پيپرن ۽ 233 اميدوار سمورن پيپرن ۾ فيل ٿيا آهن.
مجموعي طور تي 28100 مرد ۽ 14048 عورت اميدوار سمورن پيپرن ۾ پاس ٿيا آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ