ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

بخشاپور ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل

سنڌي خبرون 18th Jul 2023 297 مناظر

جوابدار موج علي ساٿي سان گڏجي پسٽل جا فائر ڪري شرناز ڀنگوار کي قتل ڪري ڇڏيو

بخشاپور: ڳوٺ بجار خان ڀنگوار ۾ جوابدار ڏير ڪارنهن جي ڪڌي الزام هيٺ پنهنجي ڀاڄائي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻن موجب جوابدار موج علي ڀنگوار ساٿي سان گڏجي 22 ورهين جي ڀاڄائي مسمات شرناز زال اشرف ڀنگوار کي پسٽل جا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪشمور جي اسپتال منتقل ڪيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ