اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ايم اين اي نيلم ڪماري جي فداحسين حيدري هائوس ڪنري آمد

سنڌي خبرون 22nd Apr 2026 229 مناظر
ايم اين اي نيلم ڪماري جي فداحسين حيدري هائوس ڪنري آمد

ايم اين اي نيلم ڪماري حيدري هائوس ڪنري پهچي صحافي فدا حسين حيدري جي عيادت ڪئي

عمرڪوٽ ( رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) اقليتي مخصوص سيٽ تي ڪامياب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي ميڊم نيلم ڪماري حيدري هائوس ڪنري پهتي. هن پريس ڪلب ڪنري جي اڳوڻي صدر، فنانس سيڪريٽري ۽ سينيئر صحافي فدا حسين حيدري جي طبيعت ناساز هجڻ سبب سندس عيادت ڪئي ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته الله پاڪ فدا حسين حيدري کي جلد صحت عطا فرمائي. ان موقعي تي عمرڪوٽ جو سينيئر صحافي کانجي مل به ساڻس گڏ هو. جڏهن ته فدا حسين حيدري ۽ سندس فرزندن عون مهدي، الفت حسين، عزادار حسين ۽ معظم علي ايم اين اي ميڊم نيلم ڪماري جي حيدري هائوس ڪنري آمد تي سندس شڪريو ادا ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ