جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

اياز لطيف پليجي پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 16th Aug 2023 98 مناظر

نگران حڪومت تيل جون قيمتون وڌائي گذريل حڪومت جي عوام دشمن معاشي پاليسين کي برقرار رکيو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آھي تہ نگران حڪومت تيل جون قيمتون وڌائي گذريل حڪومت جي عوام دشمن معاشي پاليسين کي برقرار رکيو آھي. پئٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌڻ سان زندگي جي ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي. پيٽرول 300 رپيا ليٽر کي پھچي ويو آھي، جنھن سان مزدور، ھاري ۽ غريب جي زندگي بيھي رھي آھي، سفر مھانگو ٿي ويو آھي، جيڪا شئي ٽرانسپورٽ ذريعي مارڪيٽ تائين پھچي ٿي اھا وڌيڪ مھانگي ٿيڻ ڪري ماڻھو مان خريداري قوت ختم ٿيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ عوام دشمني آھي، ماڻھن جو معاشي قتل آھي، انڪري فوري طور تي پيٽروليم جون وڌايل قيمتون واپس ورتيون وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئي ايم ايف جي شرطن تي عوام دشمن معاشي پاليسين جوڙيون ويون آھن. اٽو، چانور، کنڊ، دال، ڪوڪنگ آئل سميت کاڌي پيتي جي شين کي باھ لڳل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان زرعي ملڪ آھي، سنڌ زرعي طور زرخيز آھي، ان باوجود خوراڪ مھانگي ٿيڻ جو مطلب بيڊگورننس آھي. تيل ھتان نڪري ٿو، بلوچستان مان بہ تيل ٿو، انيڪ قدرتي دولت ۽ وسيلن باوجود سنڌ ۾ غربت ۽ بک بدحالي پيدا ڪئي وئي آھي. ملڪ جو دولت کي لٽيو پيو وڃي. عوام جي وسيلن کي لٽيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن بند ڪئي وڃي. ناجائز مھانگائي بند ڪئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ