اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

اسسٽنٽ ڪمشنر ملير ون سونا خان چانڊيو جي صدارت هيٺ اجلاس

سنڌي خبرون 30th Jan 2026 312 مناظر
اسسٽنٽ ڪمشنر ملير ون سونا خان چانڊيو جي صدارت هيٺ اجلاس

قومي پاليسي 2024 تحت انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ اهم اجلاس ڊي سي آفيس ۾ ٿيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسسٽنٽ ڪمشنر ملير ون سونا خان چانڊيو جي صدارت هيٺ قومي پاليسي 2024 تحت انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ هڪ اهم اجلاس ڊي سي آفيس ڪمپليڪس ملير ۾ ٿيو جنهن ۾ مختلف پريس ڪلبن جي نمائندن، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سان لاڳاپيل صحافين، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽن ۽ ڪيبل آپريٽرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي وفد سيد سجاد علي شاهه، سيد عنايت علي شاهه ۽ طارق سهتو جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفد ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا سماج ۾ امن، رواداري ۽ برداشت جي واڌ ويجهه لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، بشرطيڪه صحافتي آزادي ۽ اظهارِ راءِ جي آئيني حقن کي يقيني بڻايو وڃي.اجلاس کي خطاب ڪندي اي ڊي سي ون سونا خان چانڊيو چيو ته حڪومت جي قومي پاليسي جو بنيادي مقصد تشدد، انتهاپسندي ۽ نفرت انگيز سوچ جو خاتمو آهي. هن زور ڏنو ته ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ سماجي اڳواڻ گڏيل طور نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان محفوظ رکڻ لاءِ مثبت ۽ تعميري بيانيي کي هٿي ڏين.اي ڊي سي ون خاص طور سوشل ميڊيا جي ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته افواهن، گمراهه ڪندڙ اطلاعن ۽ نفرت انگيز مواد جي روڪٿام لاءِ ذميواراڻي صحافت ۽ تصديق ٿيل خبرن جي اشاعت انتهائي ضروري آهي، ته جيئن سماج ۾ انتشار بدران آگاهي ۽ هم آهنگي کي فروغ ملي سگهي.اجلاس جي پڇاڙيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن قومي پاليسي 2024 تي اثرائتي عملدرآمد، امن امان جي قيام ۽ سماجي هم آهنگي جي فروغ لاءِ گڏيل تعاون ۽ ڪوششن کي جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ