اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ابراهيم حيدري جي مهاڻن جو هوڙو ٻڏي ويو، ناکئي سميت 5 مهاڻا گم، ڳولا جي اپيل

سنڌي خبرون 04th Dec 2024 154 مناظر
ابراهيم حيدري جي مهاڻن جو هوڙو ٻڏي ويو، ناکئي سميت 5 مهاڻا گم، ڳولا جي اپيل

ناکئي يونس ڇٻاڻي جو هوڙو 2 ڏينهن اڳ شڪار تي ويو هو جيڪو حادثي جو شڪار ٿي ويو: يونس جي گهر واري

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري جي مهاڻن جي هوڙي ٻڏي وئي، ناکئي سميت 5 پورهيت گم، ڳولا جي اپيل، ان ڏس ۾ ابراهيم حيدري کان 2 ڏينهن اڳ روزگار سانگي ويندڙ ناکئي يونس ڇٻاڻي جي ٻيڙي ٻڏڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن. يونس ڇٻاڻي جي گھر واري صحافين وٽ پهچي دانهيو ته 2 ڏينهن اڳ منهنجو مڙس ناکئو يونس ۽ 2 پٽ قيوم، اڪرم عرف ڪارو، حسن شاهه ۽ هڪ پورهيت جنهن جو نالو ياد ناهي، اهي شڪار تي ويا ته واپس نه وريا. مڇي جي شڪار تان واپس آيل مهاڻن ٻڌايو آهي ته اوهان جي هوڙي ٻڏي وئي آهي، جنهن بعد اسان جي گهرن ۾ قيامت برپا آهي، سنڌ حڪومت، فشريز کاتو، مهاڻن جون تنظيمون نوٽيس وٺي ناکئي سميت 5 پورهيتن جي ڳولا ۾ مدد ڪن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ