اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ابراهيم حيدري جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ بلال قاسم پاران اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ ظلم قرار

سنڌي خبرون 18th Aug 2025 145 مناظر
ابراهيم حيدري جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ بلال قاسم پاران اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ ظلم قرار

بلال قاسم پاران ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه تي سخت تنقيد، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو دورانيو گهٽائڻ جو مطالبو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ بلال قاسم اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ کي ظلم قرار ڏيندي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.هڪ بيان ۾ بلال قاسم چيو ته ابراهيم حيدري ۾ سخت گرمي آهي، ان جي باوجود به بجلي ناهي، رهواسي تڙپي رهيا آهن، ڪنهن کي به ڪا پرواهه ئي ناهي۔هن چيو ته ابراهيم حيدري ۾ دل، جگر سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو رهن ٿا، بجلي بندش سبب انهن کي اذيت مان گذرڻو پوي ٿو۔بلال قاسم جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه جي نااهلي سبب جيڪڏهن جاني نقصان ٿيو ته ان جي ذميواري ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه ۽ جي ايم عمران جميل تي هوندي۔هن صوبي ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ابراهيم حيدري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري رهواسين جي تڪليفن کي گهٽايو وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ