عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس

16ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران 16 ڊسمبر کان 20 ڊسمبر 2024 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ صحت کاتي جي آفيسرن سان ھڪ اھم اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد ھنگورجو، ايڊيشنل ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ڊاڪٽر ایسر داس،پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاشنڪر، پي پي اي ايڇ آئي ڊسٽرڪٽ مئنيجر ڊاڪٽر شرف الدين ميمڻ سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندَي پوليو جي فوڪل پرسن ٻڌايو ته شروع ٿيندڙ پوليو مهم جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ھن مھم دوران وڌ ۾ وڌ پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا ته جئين اسين ان ميگا ڪئمپين کي ڪامياب ڪري سگھون، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران سول اسپتال عمرڪوٽ پھچي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو مهم جو آغاز ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جو چوڻ هو ته پوليو ھڪ خطرناڪ بيماري آھي جنھن جي خاتمي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي ۽ ان جي جاڳرتا مھم ھلائڻ گھرجي، ھن چيو 16 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي دوران ھڪ سال کان پنجن سالن جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ۽ ھن مھم ۾ ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان نہ رھجي وڃي، ھن چيو ته ھر يوسي توڙي ھر علائقي جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي وڃي ۽ ھن مھم کي مڪمل طور تي ڪامياب بڻايو وڃي.